اسلام آبادپاڪستان

دماغي ماهرن جو بورڊ جوڙي عمران جي چڪاس ڪرائي وڃي:مريم نواز

اسلام آباد:ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سوال ڪيو ته آهي ته عمران خان ٻڌائي ته ملڪ جا 3 ٽڪڙا ڪرڻ وارو نظريو کيس ڏنو آهي، جڏهن ته پاڪستان جا 3 ٽڪرا ٿيڻ جا خواب ڏسندڙ جي پارٽي جا 300 ٽڪرا ٿي ويندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان پاڪستان لاءِ ڏنل قربانين جي توهين ڪئي آهي، عمران خان جي سڄي سياست تخريبڪاري آهي، قوم کي سندس تخريبڪاري روڪڻي پوندي.هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ٿيو، بينظير ڀٽو شهيد ٿي پر “پاڪستان کپي” جو نعرو هنيو ويو، عمران خان کي ته ڪنهن ڪجهه چيو ئي ناهي ۽ هي ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ٿو ڪري.هن چيو ته پوري قوم عمران خان جي بيان جو نوٽيس ورتو آهي، عمران خان جي بيان تي قوم ڪاوڙ ۾ آهي، منهنجي حڪومت کان اپيل آهي ته دماغي ۽ نفسياتي بيمارين جي ماهرن جو هڪ بورڊ جوڙي عمران خان جو معائنو ڪرايو وڃي.مريم نواز چيو ته ملڪ لاءِ ڏنل قربانين کي عمران خان جي گندي سياست جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين، پاڪ فوج آئين ۽ سرحدن جي محافظ آهي.هن چيو ته عمران خان فوج کي سياست ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس عوام جو مقابلو ڪرڻو پوندومريم نواز وڌيڪ چيو ته عمران خان ضمانتي ليڊر بڻجي ويو آهي، هو پنهنجي ناڪامين جو ملبو پاڪستان تي وجهي رهيو آهي.ن ليگ جي نائب صدر چيو ته ملڪ کي عمران خان جي فتني ۽ شر کان بچائڻ جو موقعو آهي، اهو موقعو وڃايو ته ڏکيائيون ٿينديون.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جنهن اقتدار جي وڃڻ تي عمران خان ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي اهو ته ڪڏهن سندس هو ئي نه، ملڪ جا 3 ٽڪرا ڪرڻ واري ڳالهه ڪري عمران خان پاڪستان لاءِ ڏنل قربانين جي توهين ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button