اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) ڪراچي غلام نبي ميمڻ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پوليس سروس آف پاڪستان جو 21 هين گريڊ جو آفيسر غلام نبي ميمڻ هن وقت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. پوليس ذريعن موجب سنڌ حڪومت طرفان کيس آءِ جي لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي نالن تي غور ڪيو ويو پر غلام نبي ميمڻ کي آءِ جي سنڌ پوليس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. غلام نبي ميمڻ ان کان اڳ به ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي رهي چڪو آهي، جڏهن ته هو ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ به رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close