ملير: اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ملير جي اڳوڻي صدر شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي ٻئين ورسي سندس ملير جي اباڻي ڳوٺ فقير محمد گڏاپ ۾ گذريل ڏينهن وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، امتياز شيخ، شبير بجاراڻي، سلمان مراد، ساجد جوکيو، ايم اين اي آغا رفيع الله، ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سميت ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي مزار تي گل نڇاور ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ورسي تقريب کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته غلام مرتضيٰ بلوچ جي پارٽي ۽ عوام جي لاءِ ڪيل خدمتن کي ھميشه ياد رکيو ويندو ھو، ھڪ سچو جيالو ۽ عوام جي وچ ۾ رھندڙ شخص ھو جيڪو اسان کان ڪنهن به صورت ۾ وسري نٿو سگهي، شهيد مرتضيٰ بلوچ جي فرزند ايم پي اي يوسف مرتضيٰ چيو ته نياز نوڙت بابا جي سڃاڻپ هئي، هن پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان ملير ۾ تعمیير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ورسي تقريب ۾ ملير جي پارٽي ڪارڪنن ۽ غلام مرتضيٰ کي چاهيندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close