سنڌ

پريالو ڀرسان نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو، باهيون، ايس ايڇ او معطل

پريالوءِ ڀرسان 4 ڏينهن اڳ چوري جي الزام ۾ قتل ڪيل نوجوان مقصود شر جي وارثن انصاف نه ملڻ خلاف ٻٻرلوءِ ڀرسان قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون، ڌرڻي سبب پنجاب ۽ ڪراچي ويندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي مقتول جي وارثن وحيد علي شر، ربنواز شر ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ صالح سولنگي ۾ سولنگي ڌر جي ماڻهن چوري جو ڪوڙو الزام هڻي ڀاءُ مقصود شر کي قتل ڪيو ۽ ٻئي ڀاءُ سعيد شر کي زخمي ڪيو. هنن چيو ته اسان جا ٻئي ڀائر پورهيت هئا ۽ چار ڏينهن اڳ ٽوئا ٺاهڻ لاءِ ڪتب ايندڙ سرهه لڻڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي ڪچي ويا هئا ته ڳوٺ صالح سولنگي وٽ سولنگي ڌر جي هٿياربندن کين روڪي پڇاڳاڇا ڪرڻ باوجود مٿن چوري جو الزام هڻي گوليون هنيون. جنهن ۾ مقصود شر موقعي تي قتل ٿي ويو ۽ ساڻس گڏ سعيد شر سخت زخمي ٿي پيو. هنن چيو ته اسين پورهيت آھيون، ڏوهارين سان ڪوبه واسطو ناهي ۽ نه ئي ڏوهاري آهيون، کين بيگناهه زخمي ۽ قتل ڪيو ويو آهي، ٻٻرلوءِ پوليس انصاف جي خاطرص ڪرائي پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. ايس ايس پي خيرپور ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري کين انڪوائري ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو. جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور واقعي ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي ايس ايڇ او فيض محمد ٻنڊو نثار مهر کي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو. جڏهن ته مقتول سعيد شر ۽ زخمي سعيد شر جو ڪيس فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي سندن ڀاءُ عبدالوحيد شر جي فرياد تي اسلم عرف سلو سولنگي، حسين بخش سولنگي، الهڏنو سولنگي، نصير سولنگي ۽ هڪ نامعلوم سميت 5 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتاري نه ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button