سنڌ

منهڙو ۾ آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

منھڙو ڀرسان روھڙي ڪينال جي يوسف ڏاھري ريگيوليٽر مان نڪرندڙ منھڙو مائينر ۽ سن مائينر جي آبادگارن بناجواز مائينرن کي بند ڪرڻ واري عمل خلاف آبادگارن ريگيوليٽر تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ٻاجھي خان لاشاري، قربان جمالي، آصف لاشاري، علي مردان جمالي، شادو ڀٽي، شفقت آرائين، محمد يوسف ڏاهري، عبدالستار ڏاهري، احسان جمالي، عامر ڀنڊر ۽ ٻين چيو ته منهڙو مائينر ۽ سن مائينر کي بنا جواز بند ڪري اسان جا فصل تباھه ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن وارا بندي آهي ته ان جو به ڪو شيڊول ناهي، پنج ڏينهن پاڻي ڏئي 10 ڏينهن پاڻي بند ڪيو پيو وڃي، هن وقت به يوسف ڏاهري موري مان نڪرندڙ پير رڪڻ ٺل مائينر ۽ قائم ڪور مائينر هلي رهيا آهن صرف منهڙو مائينر ۽ سن مائينر بند ڪري ظلم ڪيو پيو وڃي. مظاهرين اپيل ڪئي ته منهڙو مائينر ۽ سن مائينر ۾ هٿرادو پيدا ڪيل پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button