سنڌ

اميدوارن کي ھٿ کڻائڻ لاءِ حراسان ڪيو پيو وڃي: افتخار لنڊ

پي ٽي آءِ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير افتخار لنڊ پنھنجي رھائشگاھه تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته مڪاني چونڊن جي پھرين مرحلي ۾ پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو پاران پي ٽي آ اميدوارن کي ھٿ کڻائڻ لاءِ  حراسان ڪيو پيو وڃي. افتخار لنڊ چيو ته ڄام اڪرام الله ڌاريجو پنھنجي سرڪاري آفيسر ڀائرن ذريعي پي ٽي آ اميدوارن کي ڌمڪائي رهيو آهي. ھن چيو ته پي ٽي آءِ  جا اميدوار توڙي ڪارڪن اڪيلا ناھن، ڄام ڀائرن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته جيڪڏھن پي ٽي آءِ  جي ڪارڪنن کي ھڪڙو ڀتر به لڳو ته انھن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. افتخار لنڊ چيو ته آزاد اميدوارن کي به ڪجھه ٿيو ته انھن جو ڀرپور ساٿ ڏيندس، کٽڻ ھارائڻ اليڪشن جو ڪم آھي پر ھر ماڻھو کي اليڪشن وڙھڻ جو حق آھي تنھن ڪري اليڪشن ڪميشن کي گھرجي ته صاف شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button