پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ ڊرينيج جو ڪم بند، نالين مان سرون نڪرڻ لڳيون

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ ٻن ڪروڙ رپين جي منظور ٿيل ڊرينيج سسٽم اسڪيم رولڙي جو شڪار ٿي وئي، ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو. شھر لاءِ ايم پي اي جي ڪوٽا مان منظور ٿيل ٻن ڪروڙن جي ڊرينيج سسٽم ٽن مھينن کان رولڙي جو شڪار آهي، جنھن سبب کوٽائي ٿيل ناليون ۽ ڪجھه پڪيون ٿيل ناليون لٽجي ويون آهن ۽ رستن مان سرون نڪرڻ شروع ٿي ويون آهن. ان حوالي سان شھرين محمد حسن رند، شھباز علي رند، رجب علي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مقصودو رند لاءِ آيل ڊرينيج سسٽم عوام کي فائدو ڏيڻ بدران عوام لاءِ پريشانيون پيدا ڪيون آهن. تقريبن ٻن مھينن کان ڊرينيج سسٽم جو ڪم بند آھي، ٺيڪيدار اڌ ۾ ڪم ڇڏي گم ٿي ويو آهي، شھرين نالين ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سبب ڌپ ٿي وئي آهي، نالين ۾ مٽي ڀرجي وئي آهي ۽ سرون نڪرن پيون، ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو آهي. ھنن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ٻيهر ڪم ڪرائي ٺيڪيدار خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button