اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پيٽروليم ڪمپنيون ڊيزل تي 70 ۽ پيٽرول تي 50 رپيا في لٽر ڪمائي رهيون آهن. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرس ۾ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي شوڪت ترين چيو ته حڪومت کان ٻاهر هوندي هڪ رپيو وڌائڻ تي هي چوندا هئا، مهانگائي جو طوفان اچي ويندو پر هاڻي پيٽرول ۽ ڊيزل ۾ هڪ هفتي ۾ 60 رپيا في لٽر واڌ ٿي وئي. هن چيو ته اسان ته آءِ ايم ايف سان اٺن مهينن تائين وڙهياسين، پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه فڪس ڪيا ۽ بجلي جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي پر هاڻي نالائق ۽ گهٻرايل حڪومت اچي وئي آهي. شوڪت ترين ٻڌايو ته پلاننگ ڪري ڇڏي هئي ته روس کان سستو تيل وٺنداسين، ائين نه هو ته عوام تي 60 رپيا وڌائي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏيون. هي روس ڏانهن نه ويندا ته ڇا روس پاڻ پيٽرول گهر ڇڏڻ ايندو؟ اڳوڻي ناڻي واري وزير دعويٰ ڪندي چيو ته پيٽروليم ڪمپنيون ڊيزل تي 70 ۽ پيٽرول تي 50 رپيا في لٽر ڪمائي رهيون آهن. هن چيو ته ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ بدران عوام تي موجودا حڪومت تيل جي اگهن جو بار وڌو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close