لاس اينجلس: هالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا امبر هرڊ جي وڪيل ايلن بريڊي چيو آهي ته امبر هرڊ وٽ ايترا پئسا ناهن، جو هو هرجاڻي جي مد ۾ اداڪار جوني ڊيپ کي اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ڊالر ادا ڪري سگهي. آمريڪي عدالت هڪ ڏينهن اڳ جوني ڊيپ طرفان داخل هتڪ عزت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي امبر هرڊ کي اڳوڻي مڙس کي هڪ ڪروڙ 35 لک ڊالر هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جڏهن ته جوني ڊيپ اڳوڻي زال خلاف 5 ڪروڙ هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪرائي هئي، ان سان گڏ امبر هرڊ جي داخل درخواست تي جوني ڊيپ کي به 20 لک ڊالر هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان حوالي سان وڪيل ٻڌايو ته امبر هرڊ غريب آهي، ان وقت ايترا پئسا ناهن جو هرجاڻي جي رقم ادا ڪري سگهي، اداڪارا عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست به داخل ڪرائيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close