سنڌڙي/ جهڏو: سنڌڙي تعلقي جي ڳوٺ دلبر شر مان 3 مھينا اڳ کنڀي گم ڪيل 3 نوجوانن جي جهڏو پوليس بارودي مواد رکڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ظاهر ڪندي مقابلي جي دعوى ڪئي. سنڌڙي جي ڳوٺ دلبر شر مان 3 مهينا اڳ 3 نوجوانن ديدار شر، مردان شر ۽ خالد شر کي کنڀي گم ڪيو ويو هو، جن مٿان ميرپورخاص جي ڊاڪٽر يوسف آرائين کي گوليون هڻڻ جو ڪيس داخل هو، مختلف ڏوهاري تنظيمن سان واسطو هجڻ تي کين کنڀيو ويو. هوڏانهن جهڏي ٿاڻي تي ڊي ايس پي جهڏو نندلال مهيشوري ۽ ايس ايڇ او جهڏو وجي ڪمار کتري پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان رات دير سان ڳجهي اطلاع تي جهڏو ويجهو ديهھ 372 وٽ سنسان گهرن تي ڇاپي دوران ڏوهارين سان مقابلو ڪري ٽن جوابدارن سنڌڙي واسي علي مردان، ديدار ۽ خالد شر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن وٽان 3 پسٽل، هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ بارود ٺاهڻ جو ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو آهي، 3 جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جن خلاف ڪيس جهڏو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي اهڙا ٻيا ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن. ٻئي پاسي وارثن عل احمد شر ۽ ٻين چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻھو آھيون، اسان ڏوهاري ناهيون، 3 مھينا اڳ سادا ڪپڙا پھريل اهلڪار اسان جي ڳوٺ تي چڙھائي ڪري نوجوانن کي کنڀي ويا، جن کي بعد ۾ گم ڪيو ويو، جن جي هاڻ مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آھي، اسان جو ڪنھن به تنظيم سان واسطو ناهي، اسان مسڪين آھيون. اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close