پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ همراهه جو ٻارڙن سميت زال جي بازيابي لا مظاهرو

حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي جي او آر ڪالوني جي رهواسي محمد علي پنهنجن 5 معصوم ٻارڙن سميت زال جي بازيابي لا ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن ٻڌايو ته منهنجي شادي 2007ع تي ندا بلوچ سان شادي ٿي هئي، جڏهن ته آئون ڪراچي ۾ فروٽ جو ٺيلهو لڳائيندو آهيان ۽ گهرڀاتي جي او آر ۾ ئي رهائش پذير آهن.

هن چيو ته علائقي جو بااثر شخص شهزاد مغل پنهنجن ساٿين سميت گهر ۾ داخل ٿي منهنجي زال کي 31 مئي 2022ع تي اغوا ڪري ويو آهي، جنهن دوران بااثر شخص منهنجي 12 سالا پٽ محمود کي قتل ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. هن چيو ته واقعي جو ڪيس جي او آر ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ ويس ته پوليس مون کي تشدد جو نشانو بڻايو. هن آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد سميت اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته زال کي بازياب ڪرائي شهزاد مغل سميت حد جي پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button