پاڪستانسنڌ

پوليو خلاف مهم تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو وڃي: ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

حيدرآباد: صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزنن جي سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ضلعي هيلٿ َآفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته پوليو خلاف مهم تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو وڃي، جڏهن ته انڪاري ڪيسن ۽ غيرموجود ڪيسن کي ختم ڪري سموري هيلٿ فيسلٽيز ۾ گهربل دوائن جي وافر مقدار ۾ موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙي هدايت هن ڪالهه حيدرآباد، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ مئي مهيني دوران هلايل پوليو خلاف مهم جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان شهباز هال حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. گڏجاڻي ۾ پارلياماني سيڪريٽري براءِ صحت محمد قاسم سومرو، صوبائي ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو فياض حسين عباسي، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ ڊاڪٽر محمد جمن ٻاهوٽو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص سيد اعجاز شاهه، ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينطير آباد کان علاوه ٽنهي ڊويزنن جي ڊپٽي ڪمشنرن، ضلعي هيلٿ آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته جن ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم ۾سئو سيڪڙو ڪوريج نه ٿي آهي، انهن ضلعن کي پنهنجي ڪارڪردگي کي سڌاري ۽ ان جو جائزو وٺي 100 سيڪڙو ڪوريج کي يقيني بنائڻو پوندو، هن اها به هدايت ڪئي ته مائيڪرو پلان جي چڪاس ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن پوليو ورڪر پنهنجي پلان ۾ ڪنهن گهر ۾ 4 ٻارن کي شامل ڪيو آهي ته انهن کي ڪنفرم ڪرڻ لاءِ ان گهر جو جائزو ورتو وڃي ۽ غلط انگ اکر ڏيڻ تي ان عملدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. صوبائي وزير اها به هدايت ڪئي ته جن ضلعن ۾ غيرموجود يا زيرو ڊوزز رڪارڊ ٿيا آهن، انهن جي انڪوائري ڪئي وڃي ته غيرموجود ڪيسن جو ۽ زيرو ڊوزز جو سبب ڇا آهي؟، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو وڌيڪ هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرن جي پگهارن جي مد ۾ ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي، هن اها به هدايت ڪئي ته سمورن ضلعن ۾موجود هيلٿ فيسلٽيز جي انفرااسٽرڪچر، موجود وسيلن، گهربل ضرورتن ۽ آلات بابت کيس تفصيلي رپورٽ موڪلي وڃي. گڏجاڻي ۾ پارلياماني سيڪريٽري براءِ صحت محمد قاسم سومرو پنهنجي خطاب ۾ سڀني عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو خلاف مهم ۾ سياسي اثررسوخ جي دٻاءُ کي هرگز قبول نه ڪن، جڏهن ته بدلين ۽ مقررين جي اين او سي ڏيڻ وقت اهو ضرور ٻڌايو وڃي ته جنهن آفيسر جي بدلي يا مقرري ڪئي وڃي ٿي ته ان جي جڳهه تي ڪنهن ٻئي جو نالو تجويز ڪري موڪليو وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ سميت ٻين ڊويزن جي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، ڊي ايڇ اوز ۽ سندن ٽيمن کي تعريفي سرٽيفڪيٽس ۽ يادگار شيلڊز پيش ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button