ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران سمورن صوبائي آفيسرن جي پيٽرول ڪوٽا 40 سيڪڙو گهٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. تفصيل مطابق وڏي وزير مراد علي شاهه تيل اسمن جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ صوبائي خزاني تي اضافي بار ختم ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن. وڏي وزير چيو ته پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن جو بار خزاني تي وڌيڪ نه پوڻ گهرجي، خزاني تي بار جو مقصد عوام تي ٻوجهه آهي جنهن کان پوءِ وڏي وزير پاڻ سميت سمورن وزيرن ۽ سنڌ حڪومت جي سمورن آفيسرن جي پيٽرول ڪوٽا ۾ 40 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن. ان حوالي سان وڏي وزير چيو ته 40 سيڪڙو پيٽرول ڪوٽا گهٽائڻ سان خزاني تي بار نه پوندو پر ڪجهه گهٽ ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close