پاڪستانسنڌ

کورواهه ۾ ڌي جي ساهرن ۽ تشدد ڪندڙن خلاف عورت جو احتجاج

کورواھه: کورواهه ۾ ڳوٺ محمد ٻاڪڙ جي رھواسڻ حڪيمان زال واحد بخش ٻاڪڙ کورواھه پريس ڪلب پھچي الزام هڻندي چيو آهي ته منھجي ڌي زرينه کي سندس مڙس امير ٻاڪڙ، سھري احسان ٻاڪڙ ۽ ڏيرن گلمير ۽ علي محمد ٻاڪڙ گھر ۾ سخت تشدد ڪري پٽيون ھڻي مٿو ڦاڙي گھر ۾ قيد ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي علاج لا به نٿا ڇڏين ۽ مون کي ڌي سان ملڻ به نٿو ڏنو وڃي، ھن مطالبو ڪيو ته منهنجي ڌي تي بلا جواز تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري منهنجي ڌي سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف کورواھه پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدارن جي گرفتاري لا پوليس ويل آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button