سجاول: سجاول جي سينيئر سياسي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد شفيق شاهه بخاري ڪالهه پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار کهڙي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته سجاول ضلعي جي پراڻن ساٿين ۽ پيپلزپارٽيءَ لاءِ قرباني ڏيندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پراڻا ڪارڪن ۽ جيالا پارٽيءَ جو سرمايو آهن.
اڳوڻي ايم پي اي سيد شفيق شاهه بخاري جون پيپلز پارٽي لاءِ خدمتون ناقابل فراموش آهن. هن پارٽيءَ جو ساٿ ان وقت ڏنو، جڏهن پيپلز پارٽي جو جهنڊو بلند ڪرڻ يا پارٽي جو نالو کڻڻ به گناهه سمجهيو ويندو هو، پارٽي قيادت اهڙن جانثارن جو قدر ڪندي آهي. ڪارڪنن کي مايوس ٿيڻ نه گھرجي. سيد شفيق شاهه بخاري چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ سيٽن جي ورهاست تي سجاول جي عوام، ڪارڪنن ۽ جيالن جي خواهشن جو احترام ڪيو وڃي، اميد آهي ته عوام جي بهتري لاءِ عوام جي مفاد ۾ فيصلا ڪيا ويندا. ان موقعي تي آغا رسول شاھه ۽ شاهه رخ شاهه بخاري پڻ موجود هئا.