پاڪستانسنڌ

اڏيرولال ۾ ٻارڙن جون وڊيوز ٺاهيندڙ جوابدار عدالت ۾ پيش

اڏيرولال: اڏيرولال اسٽيشن ۾ معصوم ٻارڙن جي وڊيوز ٺاهڻ جي ڪيس ۾ اڏيرولال اسٽيشن پوليس گرفتار ڪيل جوابدار کي مٽياري جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس جوابدار کي سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ٿري جي عدالت ۾ آندو. جوابدار پاران ٻارڙن جي غيراخلاقي وڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو هو.

چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ۽ وڊيو ٺاهيندڙ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. جوابدار معصوم ٻارڙن جون وڊيوز ٺاهڻ بعد کين بليڪ ميل ڪندو هو. وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي. سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ٿري جي عدالت جوابدار کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button