ڪراچي: سنڌ ۾ ميٽرڪ بورڊ جا ساليانا امتحان مڪمل ٿي ويا، صوبي ۾ ڪاپي ڪندي پڪڙيل ڪيسن جي رپورٽ بورڊز جي چيئرمينن پاران اسماعيل راهو کي پيش ڪئي وئي. بورڊز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي 6 ڊويزنن ۾ 7 ڏينهن دوران ڪاپي جا 1873 ڪيس پڪڙيا ويا، جن ۾ ٻين بدران 488 ڄڻا شاگرد امتحان ڏيندي پڪڙيا ويا ۽ امتحاني پيپر ردوبدل ڪندڙ 14 شاگرد پڪڙيا ويا. اساعيل راھو چيو ته ڪراچي مان 400 کان وڌيڪ شاگرد نقل ڪندي پڪڙيا ويا، جڏهن ته سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن مان هڪ هزار کان وڌيڪ شاگردن کان موبائل فون پڪڙيا ويا.
اسماعيل راهو چيو ته ڪاپي ڪندي پڪڙيل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فيل ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ امتحانن ۾ ڪاپي نه ڪري سگھن. صوبائي وزير اسماعيل راهو بورڊز جي چيئرمينز کي ھدايت ڏيندي چيو ته شاگردن کي ڪاپي ڪرائيندڙن خلاف ڪاورروائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، سکر ۽ شھيدبينظيرآباد ۾ انٽر جا امتحان 10 جون کان شروع ٿيندا، جڏهن ته ڪراچي ۾ 18 جون ۽ حيدرآباد ۾ 15 جون کان انٽر جا شروع ٿيندا.