اسلام آبادپاڪستان

وضاحتون نه کپن،ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ برداشت ناهي:وزيراعظم

اسلام آبا: وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪجهه به ڪريو پر ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ برداشت ناهي. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي غير معمولي لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ان حوالي سان هنگامي اجلاس طلب ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم بجلي جي کاتن سان واڳيل آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ عدالت ۾ پيشي کانپوءِ لاڳاپيل آفيسرن کي طلب ڪيو. اجلاس ۾ سرڪاري آفيسرن کانسواءِ (ن) ليگ جا اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، مصدق ملڪ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ذريعن موجب وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته رڳو 2 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ان تي وزيراعظم شهباز شريف ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته لوڊشيڊنگ 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ آهي، توهان جي ڪوڙ کي مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. جيڪڏهن توهان مون کي لوڊشيڊنگ جي اها وضاحت ٿا ڪريو ته مان نٿو مڃان. ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف وزيرن ۽ آفيسرن تي ڪاوڙجي پيو ۽ سندن وضاحتن کي رد ڪري ڇڏيو.وزيراعظم چيو ته ڪجهه به ڪريو پر ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ برداشت ناهي، مون کي وضاحتون نه گھرجن، نتيجا ڏيو، عوام کي ڏکيائين مان ڪڍو، عوام کي لوڊشيڊنگ جي تڪيلف مان ڇوٽڪارو گھرجي. عوام تڪليف ۾ هجي، ان تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button