اسلام آباد :صدر عارف علوي قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ چونڊ ترميمي بل بنا منظوري جي واپس موڪلي ڇڏيا. صدر ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ سرد جنگ برقرار آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيب ۽ اليڪشن ترميمي بل منظوري کانسواءِ واپس موڪلي ڇڏيا آهن. صدر بلن جي منظوري کان انڪار ڪندي هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت نيب ۽ چونڊ ترميمي بلن تي نظرثاني ڪري.ٻئي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ صدر جي منظوري ضروري آهي پر صدر جي فيصلي کانپوءِ حڪومت ٻئي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪندي. وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 75 تحت بل پيش ڪندي.صدر وڌيڪ چيو ته قانون سازي کان اڳ ڄاڻ نه ڏيڻ سان آرٽيڪل 46 جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، ٻنهي قانونن جي صدر طرفان منظوري جي ضرورت آهي. جڏهن ته صدر جي فيصلي کانپوءِ حڪومت ٻنهي بلن کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪندي. حڪومت قانون سازي جي مقصد لاءِ گڏيل اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي نه ڪيو هو، حڪومت قانون سازي جو عمل مڪمل ڪندي. صدر ان حوالي سان بل پيش ڪيو. آرٽيڪل 75 (اي) تحت بل وزيراعظم ڏانهن واپس اماڻيا ويا ۽ هدايت ڪئي ته پارليامينٽ ۽ ان جون ڪميٽيون بلن جو تفصيلي جائزو وٺن ۽ غور ڪن. صدر چيو ته قانون سازي لاءِ قانوني برادري ۽ سول سوسائٽي سان مشاورت ڪئي وڃي. ٽيڪنالاجي ۾ بهتري پاڪستانين کي حق ڏئي سگهي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڇنڇر ڏينهن جاري بيان موجب صدر چيو ته اسلامي جمهوري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 46 جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي ڇو ته بل کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ کان اڳ صدر کي ان قانونسازي جي تجويز کان آگاهه نه ڪيو ويو. آئين جي آرٽيڪل 46 ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم سموري قانونسازي جي تجويزن کان صدر کي باخبر رکندو جيڪي وفاقي حڪومت مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جي سامهون آڻڻ جو ارادو رکندي هجي. صدر چيو ته انهن ترميمن کي قومي اسيمبلي 26 مئي ۽ سينيٽ 27 مئي تي تڪڙ ۽ مناسب ڏاهپ کانسواءِ منظور ڪيو آهي. هن چيو ته معاشري تي ڏور رس اثر مرتب ڪندڙ قانونسازي تي قانوني برادري ۽ سول سوسائيٽي جي مشاورت سان تفصيل سان ڳالهه ڪرڻ گهربي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي محنت جي ڪمائي جو حصو وجهندا آهن، ان حقيقت جي باوجود 1990ع کانپوءِ مختلف وزيراعظمن ۽ صدرن پاران ٻاهرين ملڪ دورن جي دوران انهن سان ڪيل واعدن جي باوجود کين ووٽ جي حق کان محروم رکيو ويو آهي. صدر چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 2018ع ۾ اوورسيز پاڪستانين جي راءِ حق بابت پنهنجي 2014 جي پهرين فيصلي کي برقرار رکيو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائڻ سان گڏ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان کان ٻاهران ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عدالت ان وقت آءِ ووٽنگ جي توثيق ڪئي هئي جڏهن آءِ ووٽنگ جي طريقيڪار کي ٽئين ڌر جي ذريعي محفوظ، معتبر ۽ قابل ڀروسو قرار ڏنو ويو هو جنهن کي ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ نادرا محفوظ ۽ قابل عمل هجڻ جو تعين ڪرڻ لاءِ ان کي موڪليو هو، جنهن تي عدالت آءِ ووٽنگ کي هڪ پائليٽ پروجيڪٽ ۾ استعمال لاءِ منظور ڪيو. صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران 2018ع جي ضمني چونڊن جي پروگرامن جي حوالي سان جاري ڪيل تاريخ2018/08/17 جي نوٽيفڪيشن موجب 37 تڪن (قومي ۽ صوبائي) جي ضمني چونڊن 2018/10/14 تي ٿيڻيون هيون، جيتوڻيڪ بعد ۾ ضمني چونڊون (جيڪڏهن ڪي آهن) جهڙوڪ ايڪٽ سيڪشن 94 موجب پائليٽ پروجيڪٽس لاءِ چونڊون ڪرايون وينديون ته جيئن اوورسيز پاڪستانين کي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪرڻ جي قابلب ڻائي سگهجي جيڪو بنا شڪ جي کين ايندڙ عام چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حقدار بڻائي ٿو. صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو ذڪر ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ 2014ع ۾ پنهنجي فيصلي باوجود سسٽم جي استعمال نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جلد بازي ۾ 26 مئي تي قومي اسيمبلي ۽ 27 مئي تي سينيٽ مان منظور ٿيو. آئين جي آرٽيڪل 17 ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته پارليامينٽ اليڪشن ترميمي بل 2022 تحت اي وي ايم ۽ اوورسيز ووٽنگ کي ختم ڪيو هو. جڏهن ته نيب ترميمي بل ذريعي نيب اختيار گهٽ ڪيا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close