پاڪستانخيبرپختونخوا

شهباز شريف سازش ڪئي اٿوَ ته معيشت به ٺيڪ ڪري ڏيکاريو: عمران خان

اپر دير: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان الزام هنيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي گڏائي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪري رهي آهي، شهباز شريف گهڻو گهٻرايل آهي، ان جي چهري تي خوف آهي، جيڪڏهن توهان کان حڪومت نه پئي ٿي ته سازش ڇو ڪيوَ؟ شهباز شريف سازش ڪئي آهي ته هاڻي ذميواري به وٺو ۽ معيشت کي ٺيڪ ڪري ڏيکاريو. اپر دير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسرائيل، آمريڪا ۽ ڀارت گڏجي سازش ڪئي ۽ انهن کي اسان تي مڙهيو، شهباز شريف کي ان ڪري آندو ويو ته جيڪو حڪم آقا ڪري اهو مڃي، هن پهريون حڪم آءِ ايم ايف کان ورتو ۽ ملڪ ۾ مهانگائي ڪئي، هن حڪومت پيٽرول 60 رپيا وڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ ذري به انسانيت هوندي ته اهو ايڏي مهانگائي ڪڏهن نه ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button