سجاول جوڻيجو ۾ پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري کي عھدي تان ھٽائڻ لا پ پ ڪارڪنن 10 ڏينھن به شھر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد علامتي بک ھڙتال ڪئي. ان موقعي تي شمس ڀٽو، اصغر مگسي، مور مڱڻھار ۽ ٻين چيو ته پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري منظور احمد بروھي ھڪ کان چار اسڪيل جي نوڪرين واري ٺاھيل لسٽ ۾ پنھنجن مائٽن جا نالا شامل ڪرڻ سان گڏ مخالفن کان پئسا وٺي انھن جا نالا شامل ڪري پارٽي جي سينيئر ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري زيادتي ڪئي آھي. ھنن پارٽي قيادت کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close