سنڌ

بخشاپور ويجهو اغوا ٿيل ڪار ڊرائيور بازياب ٿي ويو

گيھلپور مان ٻھ ڏينهن اڳ اغوا ٿيل بخشاپور واسي ڪار ڊرائيور شير خان ڊومڪي پنهنجي والد عزت ڊومڪي سان گڏ پريس ڪلب پھچي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته جکراڻي ڌر جي چاڪر جکراڻي ڪار اڏي تي اچي ته گيھل پور مان سواري کڻي سيوھڻ ھلڻ لا چيو. جنھن بعد سواري کڻڻ لا گيھل پور ويس ته اتي چاڪر جکراڻي ڪار ڦر ڪري ھٿياربندن حوالي ڪيو، جتان ھٿياربندن مونکي ھڪ ڪمري ۾ باندي بڻائي رکيو. ھن چيو ته مون ھٿياربندن کي سڃاتو آهي، جنهن ۾ بابل علي، فدا، شيرو ۽ ٻھ اڻڄاتل جيڪي سمورا جکراڻي ڌر سان لاڳاپيل آهن. ھن چيو ته پوليس مونکي ھٿياربندن سان مقابلي بعد بازياب ڪونه ڪرايو ۽ نه ڪو پوليس مقابلو ٿيو، پوليس صرف پنهنجو نالو ظاھر پئي ڪري. اصل ۾ جتي قيد ڪيو ويو اتان وجھه وٺي نڪتو آھيان، جنهن بعد رستي ۾ ڳوٺاڻي کان پنهنجي وارثن کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد منهنجا وارث اتي پھتا، جڏهن ته سامھون پوليس پڪٽ ھجڻ تي پوليس اھلڪارن ڏسي مونکي ڌمڪائي چيو ته اسان پوليس مقابلو ڄاڻائي بازيابي ظاھر ڪنداسين. هن چيو ته انصاف ڪري ملوث جوابدار گرفتار ڪري تحفظ مھيا ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button