اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي بني گالا جي رهائشگاهه ٻاهران سيڪيورٽي جو حصو بڻجندڙ پوليس اهلڪار ئي ضمانت ختم ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم کي گرفتار ڪندا. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪٻئي پويان ٽوئيٽن ۾ گهرو وزير پشاور مان اسلام آباد واپسي تي عمران خان کي ڀليڪار چيو. راڻا ثناءُ الله چيو ته قانون موجب عمران خان کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي، عمران نيازي ملڪ ۾ ڏڦيڙ، افراتفري ۽ وفاق تي هٿياربند حملن جي ڏوهن تحت 2 درجن کان وڌيڪ ڪيسن ۾ جوابدار طور نامزد آهي. هن چيو ته عدالتي ضمانت ختم ٿيڻ تي قانون موجب فراهم ڪيل اها ئي سيڪيورٽي عمران نيازي کي سٺي طريقي سان گرفتار ڪندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ برپا ڪندڙ شخص، جيڪو اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کان وانجهيل هجي ۽ پنهنجي مخالفن کي ڪڏهن غدار ۽ ڪڏهن يزيد سڏي، اهو جمهوري معاشري ۾ هڪ سياسي جماعت جو سربراهه ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اها سڄي قوم لاءِ سوچڻ جي ڳالهه آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close