اسلام آباد : پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 7 جون بدران 9 جون خميس تي ٿيندو، جنهن ۾ اليڪشن ترميمي بل 2022 ۽ نيب ترميمي بل 2022 جي منظوري وٺڻ جو امڪان آهي. تفصيل مطابق صدر عارف علوي پاران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس خميس تي طلب ڪيو ويو هو، جنهن ۾موجوده معاشي صورتحال تي بحث ۽ ڀارتي عدالت پاران ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ جي سزا خلاف آواز اٿاريو ويو ۽ اجلاس 7 جون تائين ملتوي ڪيو ويو هو. ذريعن مطابق پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل 2022 ۽ نيب ترميمي بل 2022 سميت ٻيا بل به قانونسازي لاءِ پيش ڪيا ويندا. ياد رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي گذريل ڏينهن اليڪشن ترميمي بل، 2022 ۽ نيب ترميمي بل 2022 نظرثاني لاءِ واپس اماڻيا هئا ۽ چيو هو ته پارليامينٽ ۽ ان جي ڪميٽي/ڪميٽيون ٻنهي بلن تي نظرثاني ۽ تفصيلي غور ڪن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب مجلس شوريٰ جي 7 جون 2022ع تي ٿيندڙ گڏيل اجلاس جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي. گڏيل اجلاس جي تاريخ ۾ تبديلي جو خط قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سمورن پارليامينٽ ميمبرن کي موڪلي ڇڏيو. مجلس شوريٰ پارليامينٽ جو اجلاس 7 جون 2022ع تي ٽپهري 4 وڳي بدران هاڻي 9 جون 2022ع تي ٽپهري 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف مجلس شوريٰ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي تاريخ ۾ تبديلي قومي اسيمبلي جي قاعدن 1973ع جي قاعدي 4 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close