اسلام آباد : ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي 21 صدي جو سڀ کان وڏو چئلنيج آهي. پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻو پوندو. اسان کي ڪلائميٽ ڪرائسز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ ڪلچر اختيار ڪرڻو پوندو. هر پاڪستاني شهري کي ماحوليات جو تحفظ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عوام ۾ شعور ۽ سڌ ڏيڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته نه رڳو پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا پر پوري دنيا ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان متاثر ٿي رهي آهي. شيري رحمان چيو ته اسان پاڪستاني طور عالمي موسمياتي ايمرجنسي جي پهرين قطار ۾ بيٺا آهيون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان انهن دنيا جي چند ملڪن ۾ ليکيو وڃي ٿو جن کي محولياتي تبديلي جا شديد اثر ۽ خطرا لاحق آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان کي غير معمولي گرمي پد ۽ سخت سوڪهڙي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جا ٻيلا سڙي رهيا آهن، گليشيئر ڳري رهيا آهن ۽ درياهه سڪي رهيا آهن. اسان کي پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ماحولياتي تبديلي جا اثر گهٽ نه ڪيا ته هي ملڪ ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي نقصان ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي زمين ۽ قدرتي ماحوليات سان وڏي ناانصافي ڪريون ٿا، اسان کي سمنڊ، هوا ۽ پنهنجي زمين کي گدلو نه ڪرڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close