اسلام آباد :عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته قوم 19 جون کان اڳ پنهنجو ووٽ چيڪ ڪري، اليڪشن ڌانڌلي شروع ٿي وئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم، وڏو وزير ۽ گهرو وزير ڏوهن ۽ گرفتاري جي گهيري ۾ هجن ۽ پنهنجي ڪيسن جي خاتمي لاءِ نيب ترميمون هجن ته مطلب اليڪشن ڌانڌلي شروع ٿي وئي آهي. قوم 19 جون کان اڳ پنهنجو ووٽ چيڪ ڪري.هن چيو حڪومت جي 50 ڏينهن جي ڪارڪردگي اها آهي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ 12 ڪلاڪ، پيٽرول ۾ 60 رپيا واڌ، گئس ۾ 45 سيڪڙو، بجلي جي اگهه ۾ 9 رپيا ۽ گيهه جي قيمت ۾ 250 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close