پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو ڌرڻو

مٺي: مٺي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران پيئڻ جي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڪيو اي ٽي جي ضلعي صدر زاھد گل اوٺو، سريش پرمار، شاهنواز هنڱورجو، دانش پرمار، پرشوتم پرمار، سبحان بجير، ھشمت ساحل، ڪرشن پرمار، ديوان راٺوڙ، راڻو مل، زاھد لنڊ، هيرو ميگھواڙ، روشن بجير، گلشن سنڌي، پرديپ سنڌي ۽ دلبر موتياڻي جي اڳواڻي ۾ مٺي شهر ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگائي خلاف مائي ڀاڳي چوڪ کان ريلي ڪڍي شھر جي گشت ڪرڻ بعد ڪشمير چوڪ تي نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران ڪارڪنن نعريبازي ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مٺي شهر ۾ مٺو پاڻي اڻلڀ آهي، ماڻهو اڃ مري رهيا آهن، شهر لا اسٽور ٿيل پاڻي مہيش ملاڻي ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ٽئنڪر مافيا وڪرو ڪري پئي، مفت جي پاڻي کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي، في ٽئنڪر 8000 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. پ پ جي من پسند ڪالونين ۾ ڏينهن رات پاڻي هلي ٿو، پر شهر جي 95 سيڪڙو عوام پاڻي لا پريشان آهي. سنڌ سرڪار اربين رپيا خرچ ڪري ٿر ڪول بلاڪ ٽو تائين مٺو پاڻي پهچائي سگهي ٿي، پر ٿر جي عوام کي سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن. هنن چيو ته مهانگائي غريب عوام جي چيلهھ چٻي ڪري ڇڏي آهي، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. وقت اچي ويو آهي ته ٿر جي عوام پ پ کان خراب حڪمراني، ٿر جي وسيلن کي وڪرو ڪرڻ، ڪارونجهر جو سودو ڪرڻ، شهرن جي بجيٽ ھڙپ ڪرڻ، آر او پلانٽ جي نالي 750 ارب جي ڪرپشن ڪرڻ، ٿرپاڪر کي گئس کان محروم رکڻ ۽ غريب عوام ظلم جو حساب وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button