سنڌ

تحريڪ انصاف اسيمبلين تان استعيفيٰ جو ڊرامو ڪري رهي آهي:ناصر شاه

سنڌ جي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسيمبلي مان استعيفيٰ پي ٽي آئي جي ڳلي جي هڏي بڻجي وئي آهي، ان ڳالهه تي پي ٽي آئي ٽٽي وئي آهي. آچر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هي اسيمبلي جون مراعتون وٺي رهيا آهن ۽ استيعفيٰ جو ڊرامو ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن نيازي اسيمبلين مان نڪرڻ ۾ سنجيده آهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي چوي ته اسيمبلي ٽوڙي. هن چيو ته شيخ رشيد پي ٽي آئي جو پي آر او بڻيل آهي، چوي ٿو ته استعيفيٰ جي تصديق لاءِ اسپيڪر وٽ پيش نه ٿينداسين. شيخ رشيد پي ٽي آئي کي اڏوهي وانگر لڳي ويو آهي ۽ انکي کوکلو ڪري ڇڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button