اسلام آبادپاڪستان

شارٽ فال 6 هزار 576 ميگاواٽ تائين پهچي ويو،14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ

اسلام آباد :ملڪ ۾ بجلي جي ڪل طلب 26500 ميگاواٽ ۽ مجموعي پيداوار 19 هزار 924 ميگاواٽ آهي. ايڪسپريس نيوز موجب ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 576 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي. پاور ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت بجلي جي مجموعي پيداوار 19 هزار 924 ميگاواٽ آهي، جڏهن ته بجلي جي ڪل طلب 26 هزار 500 ميگاواٽ آهي، جنهن سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. لوڊشيڊنگ جو مدو برقرار آهي، وڏي نقصان وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ به گهڻي آهي. پاور ڊويزن جي ذريعن ٻڌايو ته پاڻي مان 5 هزار 219 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. سرڪاري ٿرمل پلانٽس هڪ هزار 284 ميگاواٽ پيدا ڪري رهيا آهن. نجي شعبي جي پاور پلانٽس جي ڪل پيداوار 9 هزار 764 ميگاواٽ آهي، ونڊ پاور پلانٽس 1190 ميگاواٽ ۽ سولر پلانٽس مان پيداوار ٻڙي آهي. بيگاس تي هلندڙ پلانٽ 189 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، ايٽمي فيول 2278 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. پاور ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيسڪو کي به 450 ميگاواٽ جو شارٽ فال آهي، اسلام آباد ريجن ۾ به 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button