سنڌ

لاڙڪاڻي ۾پاڪستان يوٿ پيس موومينٽ پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان يوٿ پيس مومينٽ ضلعي پاران سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف لاهوري ريگيوليٽر کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي غلام نبي بروهي، شاهد ملگاڻي، محمد عرس ڀٽي، عبدالستار جتوئي، رياض علي عباسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ سبب هاري ۽ آبادگار پريشاني ۾ مبتلا آهن. هر سال مئي ۾ سنڌ جي ڪئنالن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي پر هن وقت جون مهيني شروع ٿيڻ باوجود رائيس ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن ۾ پاڻي ڇوڙ ناهي ڪيو ويو، جيڪڏهن وقت تي پاڻي نه ڏنو ويو ته سنڌ ۾ ساريالي فصل جي پوکي نه ٿي سگهندي. وفاقي حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ ڪري غريبن، هارين ۽ آبادگارن جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ روزانو غربت سبب خودڪشين جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، اسان اڃان به نه جاڳياسين ته پوءِ هميشه لاءِ تباهه ۽ برباد ٿي وينداسين. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري تيل ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button