سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر عائشه جوڻيجو جي سربراهي ۾ گذريل ڏينهن جيڪب آباد ۾ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار کائڻ جو تيل وڪرو ڪندڙن مٿان وڏو ڏنڊ وجهي 45 ليٽر تيل ضايع ڪري ڇڏيو. ڊائريڪٽر عائشه جوڻيجو جي لاڙڪاڻي واري ٽيم جيڪب آباد ۾ موهن جو دڙو آئل شاپ، چاولا آئل اينڊ ڪريانه، وڪي مسٽرڊ آئل، گرمک داس آئل، جمن آئل ڪريانه، جمن مل آئل، هريش آئل، حافظ آئل اينڊ ڪريانه، سعيد آئل، ماشاءَ الله آئل ۽ ساجن آئل شاپ جو دورو ڪري ڏنڊ وڌو. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار تيل وڪرو ڪندڙ ڪيترائي دڪاندار فرار ٿي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close