سنڌ

جوهي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاهرو

جوهي ۾ ڳوٺاڻن پوليس جي ڏاڍ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان سلسلي ۾ صغران ٻٻر، يعقوب ٻٻر، دين محمد ٻٻر، عابد حسين ٻٻر ۽ ٻين جوهي پوليس خلاف دانهيندي الزام لڳايو ته پاٺا ميڙي گهر جو چلهو ٻاريندڙ عبدالغني ٻٻر کي جوهي پوليس نشي آور سوپاريون وڪروڪرڻ جي الزام هيٺ ڦلجي روڙ کان کنڀي موبائيل ۾ کڻي لاڪپ ڪري نشي آور سوپاريون وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي پورهيت نوجوان جي ما صغران ٻبر دانهيندي چيو ته پٽ جو اڳ ۾ ذھني توازن درست ناهي، پاٺا ميڙي گهر جو گذر سفر ڪري گهر جو گاڏو هلائي ٿو. هنن آ جي، ڊي آ جي حيدر آباد سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو جوهي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري پورهيت عبدالغني ٻٻر کي آزاد ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button