کهڙا ويجهو گذريل رات ڊرٻ ميهر شاهه ۾ ڪليري برادري جي هٿياربندن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، شهيد اهڪار محمد اشرف اڄڻ جو لاش گمس اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گوٺ غلام اڄڻ نيو ويوته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. زخمي ڊرٻ ميهر شاهه چوڪي انچارج گل محمد اڄڻ، منظور احمد اڄڻ ۽ اسلم اڄڻ جو علاج هلندڙ آهي. جهيڙي دوران پوليس اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل يار محمد ڪليري گمس اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. جڏهن ته ٻئي زخمي دلدار ڪليري جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. ٻئي طرف ڪليري برادري جي ماڻهن ڳوٺ ڪليري ۾ پوليس ۽ قاتلن خلاف مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي راحب ڪليري، ابراهيم، نور خان، محمد علي ڪليري ۽ ٻين دانهيو ته اسان پوليس تي حملو ناهي ڪيو، اسان جو اڄڻ برادري جي ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي. اڄڻ برادري جي ماڻهن اسان جي همراهه يار محمد ڪليري کي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ دلدار ڪليري کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close