اڏيرولال اسٽيشن ويجهو روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ آرائين شاخ جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف جاکري موري تي احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اُس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ بند ٿي وئي. ان موقعي تي غلام مرتضيٰ ڏيٿو، موسو لڙڪو، مختيار ڏيٿو، ڏتو لڙڪو، محمد ڏيٿو، حافظ عتيق ميمڻ، ذوالفقار علي ڏيٿو ۽ ٻين چيو ته ايس ڊي او سلطان آرائين رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، اسان کان لکين رپيا رشوت طلب ڪري رهيو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته ايس ڊي او بااثر زميندارن کي رشوت عيوض پاڻي ڏئي ٿو، ايس ڊي او اسان ننڍن آبادگارن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته توهان اسان جو ڪجهه به نٿا بگاڙي سگهو ۽ منهنجي پهچ مٿي تائين آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او کي فوري هٽائي پاڻي ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close