پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو 7 ڪلاڪ مظاهرو

شهدادپور: شهدادپور ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن مظاهرو ڪيو. شھدادپور-ٽنڊوآدم روڊ تي سنگھر مائينر جي پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ پاڪ تحريڪ جي اڳواڻ شاھجهان جوڻيجي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ آبادگارن ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري مظاهرو ڪري 7 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شاهجهان جوڻيجو، اعظم ڀنڀرو، قادربخش، لعل محمد بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آبپاشي عملدار پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري ننڍن آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪري رھيا آھن، پاڻي نه هجڻ سبب پوکيل فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن. هنن چتا ڏنو ته پاڻي نه ڏنو ويو ته اسان نيشنل ھائي وي بلاڪ ڪنداسين. هوڏانهن 7 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي شهدادپور محمد ايوب بروهي ۽ ايس ڊي او آبپاشي سراج ميمڻ پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ ڌرڻو ختم ڪرايو. ڊي ايس پي شهدادپور ايوب بروهي ۽ ايس ڊي او سراج ميمڻ پاران بيلدار کي هٽائڻ، کليل موڳا گنديون بند ڪرڻ ۽ آبادگارن سان گڏ 4 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ واري خاطري ڪرائي وئي. ان سلسلي ۾ سنڌ پاڪ تحريڪ سرواڻ شاهجهان جوڻيجو، فنڪشنل اڳواڻ اعجاز ميتلو، واپاري اڳواڻ عاقل گل وساڻ، اعظم ڀنڀرو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته واعدو وفا نه ڪيو ويو ته 8 ڏينهن بعد ٻيهر ڌرڻو هڻنداسين،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button