حيدرآباد: سنڌي وسندين تي والار ۽ وسيلن تي قبضن خلاف جسقم جا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ريليون، ڌرڻا. تفصيل موجب لاڙڪاڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي اڳواڻ مومن سمون، جساف اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو، جسقم ضلعي صدر عزيزالرحمٰن شيخ، قادر سنڌي، اصغر ڪورائي، اياز ڪورائي، فراز کهاوڙ، الهه بخش چانڊيو، شاهد لانگاھه، صفر چانڊيو، زوهيب سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي شهر جي جناح باغ چوڪ کان شروع ٿي نٽهڻ اس ۾ مختلف روڊن رستن تان گشت ڪندي واپس جناح باغ چوڪ پهتي، جتي ڌرڻو هڻي پتلي کي باهھ ڏئي ساڙيو ويو، جڏهن ته ڪارڪنن پاڻ کي زنجيرن ۾ جڪڙي ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته 6 جون سنڌ لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏهاڙي تي سنڌ جي لکين مظلوم ماڻهن قبضي خلاف پرامن احتجاج ڪيو، پر سنڌ حڪومت لينڊ مافيا جي ونگار وهندي پرامن احتجاج ڪندڙ ڌرتي واسين مٿان آنسو گئس ۽ گوليون وسايون، جنهن بعد مون سميت سوين قومي ڪارڪنن کي بيگناهھ گرفتار ڪري اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ٽن ڏينهن تائين مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سنڌ سان عشق جي ڏوھه ۽ سنڌ جي مالڪي ڪرڻ جي ڏوھه ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيلن ۾ قيد ڪيو ويو، جيڪا سزا اسان کي سنڌ سان عشق جي ڪري قبول آهي، اهڙا حربا پرامن جدوجهد کان روڪي نٿا سگهن. هن چيو ته وسندين تي والار سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن ۾ اسان پيپلز پارٽي کي برابر جو شريڪ سمجهون ٿا، سنڌ هن وقت ڏکي دور مان گذري رهي آهي، ان ڪري سنڌ ماڻهن کي گڏجڻو پوندو، جلد ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج ڪري سڄي دنيا کي ٻڌائينداسين ته سنڌ جا وارث اسين آهيون، اسان سنڌ جي حقن لاءِ ميدان ۾ نڪتل آهيون، جنهن راھه ۾ شهيد بشير خان قريشي، مقصود قريشي ۽ ٻين کي شهيد ڪيو ويو، متان ڪنهن کي ڀل هجي ته اسان ڊڄي سنڌ جي حقن واري جدوجهد تان هٽي وينداسين، اسان سنڌ واسين کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي حقن خاطر اسان جو ساٿ ڏين. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، پر سنڌو درياهھ تي قبضو ڪري ان مان ڪئنال ڪڍي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اسان سنڌ جي آبادگارن، هارين سميت سمورين ڌرين کي پاڻي مسئلي تي گڏجي آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي. جسقم چيئرمين چيو ته سنڌي وسندين تي والار سوڌو ٻين سنڌ دُشمن منصوبن خلاف جلد ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪنداسين. مٽياري ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ضلعي صدر رشيد ڏيٿو، سرجيل سالاريو ۽ اياز ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ڪارڪنن نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏهن ته نوابشاهه ۾ هاشم ماٽي، حنان عباسي، دادو ۾ نياز چنا، اياز جمالي، ٽنڊو محمد خان جسقم ضلعي صدر ظھور ھاليپوٽو، ذوھيب جمالي خيرپور ۾ خرم مھيسر، الطاف چنا، باقراڻي ۾ الله بخش چانڊيو، صفر چانڊيو، ڏوڪري ۾ رڪ سنڌي، عرفان ڀنڊ، رتوديرو ۾ آصف وڍو، روشن جويو ۽
مورو ۾ عرفان ڏاهري، ابرار ميمڻ ۽ دانش ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ٻئي پاسي گهوٽڪي، خيرپور، ڪشمور، باقراڻي، سن، سڪرنڊ، کهڙا، ڪچي پل، نيو سعيد آباد، محرابپور ۽ دوڙ ۾ جسقم ڪارڪنن ريليون ڪڍيون.