حيدرآباد: ناليواري قانوندان، اديب، دانشور، ڏاهي ۽ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي ورسي عوامي تحريڪ طرفان اڄ 7 جون تي شام جو 5 وڳي منگر خان پليجو جنگشاهيءَ ۾ ڀرپور نموني ملهائي ويندي، ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي قيادت، سماجي شخصيتن، اديبن، دانشورن، شاعرن، وڪيلن، صحافين، استادن، شاگردن، هاري ۽ مزدور اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون ويون آهن. پنجاهه هزار ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ورسي جو پنڊال تيار ڪيو ويو آهي. سنڌياڻين جو وڏو تعداد ورسي جي جلسي عام ۾ شرڪت ڪندو.
عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته رسول بخش پليجي جي ورسي تقريب تاريخي ٿيندي. اڳواڻن چيو ته ڪالاباغ ڊيم بابت ميان منشا جو بيان مذمت جوڳو آهي. ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ، بلوچستان ۽ پختون خواهه جي عوام بي پناهه جدوجهد ذريعي ۽ صوبائي اسيمبلين قراردادون پاس ڪري مڪمل رد ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب سنڌ ويران بڻجي ويئي آهي، پنجاب جا حڪمران چشمه جهلم لنڪ ڪينال، تونسا پنج نند، گريٽر ٿل ڪينال ۽ ڊيمن ذريعي سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻي رهيا آهن.