سنڌ

ايم ڪيو ايم وفد جي وڏي وزير سان ملاقات، مطالبا پيش

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايم ڪيو ايم وفد ملاقات ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم جي 8 رڪني وفد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، متحده وفد ۾ ڪنور نويد جميل، سيد امين الحق، فيصل سبرزواري، محمد حسين، خواجا اظهار، جاويد حنيف، حامد نظر شامل هئا. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ ناصر حسين شاهه، سعيد غني، امتياز شيخ، شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو ۽ مرتضيٰ وهاب به موجود هئا. مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم وفد سنڌ ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر لاءِ عبدالواسع جو نالو تجويز ڪيو ويو. ملاقات جي حوالي سان ڪنور نويد جميل چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کي پنهنجا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته وڏي وزير سان ملاقات ٿي، ملاقات ۾ مڪاني ادارن واري بل سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته سڀ کان پهريان مڪاني ادارن جو بل هوندو، ان کانپوءِ ٻيا معاملا هوندا، معاهدو ٿيل آهي، ان حوالي سان اڳڀرائي لاءِ ملاقات ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button