ڀٽ شاھه: عمرڪوٽ ضلعي جي سامارو سان تعلق رکندڙ جوڙي علي نواز ماڇي ۽ نورجھان ماڇي احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان پسند جي شادي ڪئي آھي، ڪو ڏوھه ناھي ڪيو، اسان جا مائٔٽ اسان جا دشمن بڻجي ويا آھن، ھنن چيو ته اسان ھڪٻئي سان محبت ڪندا آھيون ۽ نواب شاھه جي عدالت ۾ نڪاح ڪيو آھي.
هنن چيو ته مائٔٽ اسان کي مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. اسان کي پنھنجي رشتيدارن محمد حسن، علي حسن، منور، صديق، محرم، عرس، ڌڻي بخش ماڇي ۽ ٻين مان جان کي خطرو آھي، اسان انھن جي خوف کان دربدري جي زندگي گذاري رھيا آھيون.