پاڪستانسنڌ

مسوڀرڳڙي لڳ قبرستان کي چوديواري نه آئي، جانورن جو ديرو

مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي لڳ قديمي درگاھه ڏاڏو آريسر جي قبرستان کي چوديواري نه ھئڻ سبب جانورن پاران قبرن جي بي حرمتي ٿيڻ لڳي، مسوڀرڳڙي لڳ قديمي درگاھه ڏاڏو آريسر جي قبرستان کي چوديواري نه ھئڻ سبب جانورن پاران قبرن جي بي حرمتي ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آھي، قبرستان ۾ رولو ڪتن ديرا ڄمائي ڇڏيا آھن.

جنھن سبب پنهنجن جي بخشش جي دعا گھرڻ وارن کي به رولو ڪتا ڏاڙھڻ لڳا، جڏھن ته رولو ڪتن قبرن ۾ به کڏا ھڻي آستانا ٺاھي ڇڏيا آھن، ھتان جي رھواسين ضلعي ايڊمنسٽريشن مٽياري ۽ چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي آھي ته قبرستان کي چوديواري ڏياري، سولر لائٽون ھنيون وڃن ۽ ٻه عدد چوڪيدار مقرر ڪري قبرستان جو تقدس برقرار رکيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button