سنڌ

ملير ۾ گودام پورهيتن جو گهٽ اجرت ملڻ خلاف ڌرڻو

ملير جي علائقي پورٽ قاسم لڳ قائم اڪبر گودام، ڪي ڪي گودام، سلور گودام سميت ٻين گودامن ۾ ڪم ڪندڙ سوين پورهيتن مزدوري جي رقم نه وڌائڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري گودامن آڏو ڌرڻو هنيو. ڌرڻي جي اڳواڻي لالو لغاري، حاجي برڪت مستوئي، صدر لغاري، عبدالرحيم ٻرڙو، نويد سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ڌرڻي ۾ شريڪ پورهيتن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي سالن کان گودامن ۾ مزدوري ڪري رهيا آهيون اسان کي مزدوري جو صحيح حق ادا نه پيو وڃي، جيستائين مزدوري جو مناسب اگھ نه ڏنو ويندو، تيستائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو. هنن چيو ته ملڪ ۾ روزاني جي بنيادن تي مهانگائي وڌنڌي پئي وڃي، پيٽرول سميت عام واهپي جون شيون اچتو وڌڻ سبب اسان جا ٻچا فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويا آھن، اسان گهٽ اجوري تي ڪم نه ڪنداسين، اسانکي جائز حق ڏنا وڃن، هنن وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه، خوراڪ جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته مل مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن ۽ اسان جي ٻچن کي فاقاڪشي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button