پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سان کاڌي پيتي جون شيون ميوا، ڀاڄيون، داليون کير ۽ گوشت جون قيمتون وڌي ويون آهن حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ واڌ جا اثر کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن تي به پئجي رهيا آهن جنهن کان پوءِ ميوا ڀاڄيون داليون کير ۽ گوشت جي اگهن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. رپورٽ مطابق ڪڪنگ آئل اول برانڊ مارڪيٽ ۾ 560 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گيهه جو اول برانڊ 530 رپيا في ڪلو ۾وڪرو ٿي رهيو آهي، کليل کير 10 رپيا واڌ سان 160 رپين کان 170 رپيا في ڪلو، کليل ڏهي 20 رپيا واڌ کان پوءِ 180 کان 200 رپيا في ڪلو، پيڪ کير ملڪ پيڪ ۽ اولپر 20 رپيا واڌ کان پوءِ 180 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي، انهيءَ سان گڏ ئي پيڪ ڏهي اڌ ڪلو 150 رپيا، پلاسٽڪ پيپر پيڪ ڏهي اڌ ڪلو 120 رپيا، چانهه جي پتي 150 رپيا في ڪلو واڌ کان پوءِ 1100 مان وڌيڪ 1250 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي دال چڻا 20 رپيا واڌ سان 200 رپيا في ڪلو، اڇا چڻا 350 رپيا في ڪلو، دال ماش 280 مان وڌي 300 رپيا في ڪلو ۽ دال مسور 20 رپيا واڌ کان پوءِ 270 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. چانور (اول باسمتي) 240 رپيا في ڪلو، چانور به درجا 200 رپيا في ڪلو، چانور 3 درجا باسمتي 170 في ڪلو ٿي ويا آهن، جڏهن ته زنده ڪڪڙ 300 رپيا في ڪلو ۽ آنا 170 رپيا في درجن ۾وڪرو ڪيا پيا وڃن، ٻڪر جو گوشت 1600 رپيا في ڪلو، ڳئون جو گوشت 900 رپيا بنا هڏي ۽ هڏي وارو 800 رپيا في ڪلو جي حساب سان مارڪيٽ ۾وڪرو ٿي رهيو آهي، اهڙِ طرح ڀاڄين جون قيمتون به آسمان تي پهچي ويون آهن ۽ ٽماٽا 80 رپيا في ڪلو، پٽاٽا 40 رپيا، بصر 80 رپيا، سنڍ 250 رپيا ۽ ٿوم 300 رپيا في ڪلو ۾ مارڪيٽ ۾وڪرو ٿي رهي آهي. مهانگائي ميوون کي به نه بخشيو آهي ۽ ايراني صوف 300 رپيا في ڪلو، اڇو صوف 250 رپيا في ڪلو، پهرين درجي جا ڪيلا 190 رپيا في درجن، آلو بخارا گفٽ پيڪ 400 رپيا في ڪلو ۽ آلو بخارا اول 300 رپيا ڪلو، جڏهن ته زردالو 250 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ڪيا پيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close