سنڌ

ميرو خان ويجهو نوجوان ٻن ڏينهن کان گم، وارث سخت پريشان

ميرو خان ويجهو ڳوٺ مير داد گوپانگ واسي 16 ورهين جو نوجوان عامر پٽ عبدالڪريم گوپانگ ٻن ڏينهن کان لاپتا ٿي ويو. ان حوالي سان نوجوان عامر گوپانگ جي مامي غلام شير گوپانگ رابطي تي ٻڌايو ته ڀاڻيجو عامر گوپانگ گهران موٽرسائيڪل تي ميرو خان مان سبزي وٺڻ لاءِ نڪتو ته واپس ناهي آيو. هن جو چوڻ هو ته مائٽن وٽ گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود عامر جو ڪٿي به ڏس پتو ناهي مليو، جنهن ڪري سخت پريشان آهيون. نوجوان جي وارثن پوليس ۽ وس وارن ادارن ۽ سرندي وارن کي عامر گوپانگ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button