سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ ۾ ميهڙ واقعي واري ڪيس ۾ نامزد برهان خان چانڊيو جي درخواست جي شنوائي ٿي، جتي ام رباب چانڊيو، ايم پي اي برهان چانڊيو ۽ سندن وڪيل پيش ٿيا جنهن بعد شنوائي 13 جون تائين ملتوي ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته برهان خان چانڊيو جي ضمانت واري درخواست جي شنوائي ٿي، هي ڪيس جيڪو جج صاحب ٻڌي رهيو هو ان جي بدلي ٿي آهي ۽ نئين بئنچ وٽ پهرين شنوائي هئي تنهن ڪري عدالت فيصلو نه ڪري سگهي. هن چيو ته اسان پر اميد آهيون ته برهان خان چانڊيو جي ضمانت رد ٿيندي ۽ ضمانت نه ملندي ڇاڪاڻ منهنجي فيملي ۾ 3 قتل ٿيا آهن ان لاءِ اسان هتي اچون ٿا ۽ اهو اسان جي لاءِ ايترو آسان ناهي، اسان گهر کان هتي ايندا آهيون، اهو خطري کان خالي نه هوندو آهي پر انصاف جي حاصلات جي جنگ آهي ان ۾ مون کي اميد آهي ته مون کي منهنجي ملڪ ۾ مايوس نه ڪيو ويندو ۽ مون کي انصاف ڏنو ويندو ۽ ٻين درخواستن تي عدالت اسان کي 13 جون جي تاريخ ڏني آهي. منهنجي چيف جسٽس پاڪستان کي به اپيل آهي ته اسان واري ڪيس جو نوٽيس وٺي جلد انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close