سنڌ

رتوديرو ۾ ايڇ آئي وي ٽريٽمينٽ سينٽر تي سهولت نه ملڻ خلاف احتجاج

رتوديرو ويجهو ڳوٺ سبحاني شر جي رهواسي شهزادو شر ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا پنهنجي معصوم پٽ سميت رتوديرو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته منهنجو 5 ورهين جو پٽ محمد عذير شر جي علاج لا ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تي وڃون ٿا ته اهي دوائون ڏيڻ بدران خانگي اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻ لاءِ چون ٿا جيڪي مهانگيون هجڻ سبب غريب ماڻهو خريد نٿو ڪري سگھي. هن چيو ته ٽريٽمينٽ سينٽر تان دوائون نه ملڻ ڪري پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو غربت سبب ٻچا پاليون يا مهانگيون دوائون خريد ڪريون ان کان علاوه سي ڊي 4 ڪٽس به سينٽر تي ناهن، مريضن لاءِ آيل فنڊ به هڙپ ڪيا پيا وڃن پر هنن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي. هن چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ 32 ايڇ آءِ وي جا مريض آهن جن کي نه دوائون ٿيون ملن ۽ نه وري انڊو مينٽ فنڊ ٿو ڏنو وڃي. هن سنڌ جي صحت واري وزير ڊي سي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته جاچ ڪري غريبن کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button