سنڌ

ڪرمپور ويجهو هڪ ئي ڏينهن ڦر ۽ چوري جون 4 وارداتون، احتجاج

ڪرمپور ويجهو هڪ ئي ڏينهن ۾ ڦر ۽ چوري جون 4 وارداتون ٿيون. ڪرمپور ۾ مگسي روڊ تي هٿياربند واحد بخش چولياڻي کان 125 موٽرسائيڪل، هڪ لک روڪ ۽ موبائيل فون ڦري ويا. جڏهن ته احسان لاڙي وٽ 3 هٿياربندن ڳوٺاڻي کي بٽ هڻي زخمي ڪرڻ بعد ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٽين واردات ۾ ڳوٺ مهراڻ خان ڀرسان هٿياربند رڪشا هلائيندڙ پورهيت کان پنج هزار روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا. جڏهن ته ڪرمپور شهر ۾ اسپتال ٻاهران چاٻي چور ڳوٺاڻي محبوب پهوڙ جي موٽرسائيڪل ڪاهي ويا. هڪ ڏينهن ۾ 4 وارداتون ٿيڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. ڦر واقعي بعد ڪرمپور پوليس پهچي واقعي جا تفصيل وٺڻ بعد واپس رواني ٿي وئي. علائقي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو. ڳوٺاڻن حسين بخش چولياڻي، دوست محمد، ممتاز علي الابخش ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڏوهاري سرعام هٿيار کڻي گهمي رهيا آهن، روزانو ڦر جون وارداتون ٿي رهيو آهن. جڏهن ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري علائقي جو امن بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button