ڪشمور جي ملڪ محلي مان 5 ورهين جو ٻارڙو شيراز ولد دانش ملڪ گم ٿي ويو. ان موقعي تي ٻارڙي جي پيءُ دانش ملڪ ۽ حق نواز ملڪ دانهيندي چيو ته معصوم ٻارڙو شيراز صبح جو نائين وڳي راند ڪندي ٻاهر نڪري ويو هن مهل تائين سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. مٽن مائٽن ۽ سموري شهر ۾ ڳولا ڪئي پر اڃا تائين نه ملي سگهيو آهي. اسان کي خدشو آهي اسان جي معصوم شيراز نامعلوم ماڻهن اغوا ڪيو آهي. هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪسمور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ٻار کي جلد بازياب ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close