سنڌ

پير وسڻ ۾ نفسياتي مريض معصوم پٽ جي ٻانهن وڍي ڇڏي

پير وسڻ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد موجائي ۾ نفسياتي مريض فاروق موجائي پنهنجي گهر ڀاتين لا خطرو بنجي ويو. ذهني مريض پي پنھنجي ٽن سالن جي معصوم پٽ آزاد موجائي کي ڪھاڙي ھڻي سندس ٻانھن وڍي کيس معذور بنائي ڇڏيو. ان ڏس ۾ معصوم نينگر جي ڏاڏي محمد ھارون موجائي ۽ ماءُ مٺڻ خاتون موجائي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فاروق موجائي ڪافي عرصي کان نفسياتي مريض آھي، ڪافي ڊاڪٽرن کان دوا وٺڻ باوجود ھو ٺيڪ ناھي ٿي سگھيو. هن بيوسي ۾ نينگر کي ڪھاڙي ھڻي معصوم ٻار جي ٻانھن ڪپي آھي. ھُنن روئيندي ٻڌايو ته اسان سخت پريشان آھيون. ھڪ طرف اسان جو نوجوان فاروق ذھني مريض ٿي ويو آھي ته ٻئي طرف معصوم ٻار جي ٻانھن ضايع ٿي وئي آھي. هوڏانهن ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button