اسلام آباد :پاڪستان جي دوري تي آيل جرمن پرڏيهي وزير انالينا بيئربوپ ڪرونا وائرس ۾ وٺجي وئي، جنهن سبب مهمان پرڏيهي وزير پنهنجون سموريون مصروفيتون ڪينسل ڪري ڇڏيون. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن جرمن پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتي هئي. ان دوران ان پنهنجي وفد سان گڏ ميزبان بلاول ڀٽو زرداري سان پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. جرمن پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري کان پوءِ ترڪي ۽ يونان به وڃڻو هو. جڏهن ته ڪرونا ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ جرمن پرڏيهي وزير پنهنجو پاڪستان جو دورو مختصر ڪري ڇڏيو ۽ ترڪي يونان جو دورو به ملتوي ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close