مقصودو رند: مقصودو رند ۾ حسيني چوڪ تي فجر محل ٻن دڪانن خادم حسين رند جي موبائيل شاپ ۽ پيار علي رند جي پرچون جي دڪان جي شٽر جا تالا ٽوڙي نامعلوم چور لکين رپين جو سامان کڻي فرار ٿي ويا. واقعي خلاف دڪاندارن خادم حسين رند، پيار علي رند ۽ فيض علي رند جي اڳواڻي ۾ دڪاندارن ۽ شھرين نوابشاهھ-شھدادپور روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ۽ مظاهرو ڪري 6 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. روڊ بند ھئڻ ڪري سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي دڪاندارن خادم حسين رند، پيار علي رند ۽ ٻين چيو ته پوليس جي نااهلي سبب شھر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آھي، ھي چوري ناھي ھي ڦر آھي، پرهھ ڦٽي جو ماڻھن چورن کي چوري ڪندي ڏٺو، چورن سرعام دڪانن تان چوري ڪئي، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي. هنن گهر ڪئي ته اسان جي چوري واپس ڪرائي ايس ايڇ او خادم راڄپر کي ھٽايو وڃي. ٻئي طرف مسلسل 6 ڪلاڪ ڌرڻي بعد فنڪشنل ليگ اڳواڻ حاڪم ڀاڻوجو ۽ امام بخش رند مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ پوليس کي ٻن ڏينھن جو وقت ڏنو ويو، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ھوڏانھن ڊي ايس پي شھدادپور متاثر دڪاندارن وٽ پھتو ۽ دڪانن جو جائزو ورتو. ڊي ايس پي دڪاندارن کي خاطري ڪرائي ته جلد چوري واپس ڪرائي ويندي ۽ چور گرفتار ڪيا ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close